طارق عزيز

طارق عزيز

طارق عزيز

طارق عزيز: ناميارو فلم، ٽي وي، ريڊيو جو اداڪار ۽ صداڪار، طارق عزيز 28 اپريل 1936ع ۾ جالنڌر (هندستان) ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو ميان عبدالعزيز هو. 1947ع ۾ سندس خاندان لڏي اچي ساهيوال ۾ رهائش پذير ٿيو. هن عملي زندگيءَ جو آغاز ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ صداڪاريءَ سان ڪيو. ان کان پوءِ 1964ع ۾ پي. ٽي. وي جي قيام کان پوءِ پاڻ پاڪستان ٽيليويزن جو پهريون مرد انائونسر منتخب ٿيو. هن پي. ٽي. وي تي ڪيترائي ڊراما ۽ پروگرام ڪيا. 28 آڪٽوبر 1975ع ۾ ”نيلام گهر“ نالي هڪ پروگرام سندس ڪمپيئرنگ سان شروع ڪيو ويو. جيڪو 6 جنوري 1982ع تائين ٽيلي ڪاسٽ ٿيو. هن پروگرام کي ڏسندڙن پاران تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هي پروگرام 1985ع کان ٻيهر ”طارق عزيز شو“ جي نالي سان 1990ع تائين ڏيکاريو ويو. ان کان پوءِ هي پروگرام 2004ع کان ٽيون ڀيرو شروع ڪيو ويو. جيڪو اڄ تائين طارق عزيز شو جي نالي سان نشر ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي سڀ کان ڊگهي عرصي تائين هلندڙ هن تفريحي ۽ معلوماتي پروگرام شروع ڪرڻ جي تجويز عبدالڪريم بلوچ ڏني هئي جڏهن ته پروگرام جو پهريون پروڊيوسر عارف رانا هو. طارق عزيز ريڊيو، ٽي. وي کان علاوه ڪجهه فلمن ۾ اداڪاري ڪئي. سندس پهرين فلم 1967ع تي ’انسانيت‘ جي نالي سان رليز ٿي هئي. سندس ٻين مشهور فلمن ۾ ”سالگرهه“، ”قسم اُس وقت ڪي“، ”ڪٽاري“، ”چراغ ڪهان روشني ڪهان“، ”هار گيا انسان“ شامل آهن. سندس فني خدمتن عيوض کيس 1992ع ۾ صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو. هن 1997ع وارين چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. سندس ٻه ڪتابداستان“ (ڪالم) ۽ ٻيون ڪتاب ”همزاد دا ڌک (شاعري جو مجموعو) ڇپيل آهن. طارق عزيز 17 جون 2020ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.


لفظ طارق عزيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.04.28  عيسوي

طارق عزيز 28 اپريل 1936ع ۾ جالنڌر (هندستان) ۾ جنم ورتو.


2020.06.17  عيسوي

طارق عزيز 17 جون 2020ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاجو ليکي
پرمانند کتري
جيلاني سيد محمد صالح شاهه (ثاني)
ظفر علي لغاري
غلام رسول شڪارپوري
سروجني نئڊو
سليم مگسي
شاهنواز ڀٽي
ٽالپر مير سهراب خان
اياز ڀاڳت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون